اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جي فسطائيت، ملڪ دشمني ۽ ملڪ تي ح??لو ڪندڙن جو بندوبست ٿي رهيو آهي ته اڳتي سياست جي آڙ ۾ ڪير ملڪ دشمني نه ڪري. عمران خان جي بيان تي پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪندي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت اهڙو بندوبست ڪري رهي آهي ته اڳتي ڪنهن به رياست تي ح??لو نه ٿي سگهيو، اڳتي شهيدن ۽ غازين جي يادگارن جي ڪير بي حرمتي نه ڪري سگهي. هن چيو ته عمران خان ماڻهن جي ڌيئرن جي گهرن تي حملا ڪرايا، ڌيئرن کي والدين جي سامهون گرفتار ڪيو، ماڻهن کي ??ينرن کي ??هيليو، ان جي باوجود ڪو عمران خان وانگر ملڪ تي حملي آور نه ٿيو. هن چيو ته عمران خان سياست جي لبادي ۾ عوام کي سزا ڏني. نه ملڪي معيشت کي ??ڏيو ۽ نه عوام جو روزگار ڇڏيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بندوبست ٿي رهيو آهي ته جيئن پاڪستان جي تاري?? ۾ ??ڳتي ڪا اها ڪوشش ۽ ملڪ دشمني جي جرئت نه ڪري سگهي.