اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف خيبر ضلعي جي علائقي طورخم ويجهو ٿيندڙ لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ جا??ي ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظه??ر ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هدايت ڪئي ته زخمين کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪئي وڃي. هن ريسڪيو جو ڪم تيز ڪرڻ ۽ رستي جي جلد کان جلد بحالي جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم لينڊ سلائيڊنگ ۾ فوت ٿيندڙن جي درجن جي ب??ند?? لاءِ دعا ڪئي ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظه??ر ڪيو. هن واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي.