تاشقند – 24 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اقتصادي تع??ون تنظيم ج?? اي سي او ريسرچ سينٽر قائم ڪرڻ جي پڌرنامي جي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب تاشقند ۾ اي سي او جي وزارتي ڪائونسل جي 26 هين اجلاس ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آذربائيجان جي شهر باڪو ۾ اي سي او ريسرچ سينٽر قائم ڪرڻ جي پڌرنامي جي معاهدي تي صحيحون ڪيون. اهو مرڪز اي سي او جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي معاملن تي مهارت ۽ تحقيق جي مٽاسٽ?? کي فروغ ڏيندو ۽ موقعا فراهم ڪندو.