اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي و??ير حنا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه ايندڙ ٽن سالن ۾ گڏيل واپاري ڪاٿو 5 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جي لاءِ پرعزم آهن، ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه جي حوالي سان جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿيندڙ تق??يب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ترڪيه جي سفير مهمت پچاجي سميت مختلف ملڪن جي سفيرن پڻ تق??يب ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي و??ير حنا رباني کر چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه واپار سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائي رهيا اهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهرا، تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ترڪيه پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ ۾ پنهنجي پاڪستاني ڀائرن جي ڀرپور امداد ڪئي، پاڪستان ۾ 2010ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران به ترڪيه جي امداد ۽ خدمتون ساراهه جوڳيون هيون، ترڪيه 2005ع ??ي زلزلي ۾ به پاڪستان جي دل کولي امداد ڪئي هئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي و??ير حنا رباني کر چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي ڀائيچاري جي تاريخ ڪافي پراڻي آهي، پاڪستان مان ماڻهن جو هڪ وڏو انگ سير ۽ سياحت جي لاءِ ترڪيه وڃي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جا ترڪيه سان اسٽريٽجڪ لاڳاپا دنيا جي ٻين ملڪن جا جدا آهن. حنا رباني کر چيو ته پاڪستان کي پنهنجي ترڪ ڀائرن تي سدائين فخر رهيو آهي، ترڪيه معاشي ۽ سياسي محاذ تي سدائين پاڪستان جي مدد ڪئي آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مثالي عوامي رابطا آهن. مملڪتي و??ير چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ تبديل ٿي ويا آهن. وزي??اع??م هن سال جون ۽ نومبر ۾ ترڪيه جو دورو ڪيو جڏهن ته ملجم پي اين ايس خيبر جو گڏيل افتتاح پڻ ڪيو ويو. هن چيو ته آگسٽ 2022ع ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سامان جي و??پار جي معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون جنهن جو مقصد 5 ارب ڊالر جي ٻطرفي و??پاري ڪاٿي کي حاصل ڪرڻ آهي. ان کان اڳ پاڪستان ترڪه سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه جي مناسبت سان جناح ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ هڪ ڪلچرل نائٽ جو اهتمام ڪيوويو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي و??ير حنا رباني کر تق??يب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. ڪلچرل نائٽ جو اهتمام پرڏيهي و??ارت ۽ اسلام آباد ۾ ترڪيه جي سفارتخاني گڏيل طور تي ڪيو هو جنهن ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي ڀرپور ثقافت کي اجاگر ڪيو ويو. ان کان اڳ ٻنهي ملڪن سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي پنهنجي پرڏيهي و??ارت ۾ هڪ ئي وقت وڻڪاري جون تقريبون منعقد ڪيون. اسلام آباد ۾ وڻ پاڪستانجي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي و??ير حنا رباني کر ۽ پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير گڏيل طور تي لڳايو جڏهن ته ترڪيه جي پرڏيهي معاملن واري نائب وزير فاروق ڪيماچي ۽ ترڪيه ۾ پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد انقره ۾ وڻ لڳايو.