اسلام آباد– 22 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڪوپ 27 ۾ عالمي فنڊ جو قيام ڌرتيءَ کي م??سمياتي تبديلين کان ب??ائ?? جو هڪ تاريخي سنگ ميل آهي، ماحولياتي انصاف جو مطالعو عالمي سطح تي م??ظور ٿيڻ پاڪستان جي وڏي سفارتي ڪاميابي آهي. موسمياتي تبديلين کان متاثر ملڪن جي نقصانن جي ازالي جو عالمي فنڊ قائم ٿيڻ پاڪستان جي م??قف جي سوڀ آهي. اڱاري تي پنهنجي هڪ بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان موقف کي دنيا تسليم ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف اسرندڙ ملڪن تي م??سمياتي تبديلين جي هاڃيڪار اثرن ۽ پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهه ڪارين کي عالمي ايجنڊا ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جي م??قف عالمي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو. ”ڊيميج اينڊ لاس فنڊ“ جي قي??م سان پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۾ مدد ملندي. هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتيرس اسرندڙ ملڪن جو محسن ثابت ٿيو. هن چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ موسمياتي تبديلين واري وفاقي وزير شيري رحمان جي ڪوششن عالمي سطح تي پاڪستان جي م??قف کي مڃرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سڀني عالمي ??ڳو??ڻ مبارڪن ۽ خراج تحسين جا مستحق آهن، جن ڌرتيءَ کي ب??ائ?? جي لاءِ فيصلائتو ۽ عملي ق??م کنيو. اهو عالمي اتحاد موسمياتي تبديلين جي اثرن جي م??ابلي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو.