شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي ??ي ??ي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر محمد بن زيد النيهيان گڏيل مفاد جي گڏيل مقصدن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر محمد بن زيد النهيان مصر ۾ ڪوپ 27 سربراهي اجلاس جي م??قعي تي م??اقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرين جي فراخدلاڻي امداد تي گڏيل عرب امارات جي قيادت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم موسمياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ڪوپ 27 جي عزم کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو. وزيراعظم ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته موسمياتي تبديلين جي اثرن کي م??هن ڏيڻ رڳو اسرندڙ ملڪن جي وس ۾ نه آهي، عالمي برادري کي گڏجي زمين جي بقاءَ جو گڏيل چارٽر ٺاهڻو پوندو. وزيراعظم شهباز شريف ڪوپ 27 ڪانفرنس جي م??صدن جي لاء?? عالمي برادري خاص طور تي اس??امي دنيا جي عزم جي آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل مفاد جي گڏيل مقصدن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.