اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف سڀاڻي پهرين نومبر تي چين روانو ٿيندو. 11 اپريل 2022ع تي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم محمد شه??از شريف جو چين جو اهو پهريون دورو ??هي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شه??از شريف چين جي رياستي ڪائونسل جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي دعوت تي اهو دورو ڪري رهيو ??هي. چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم شه??از شريف جي وچ ۾ ازبڪستان ۾ 16 سيپٽمبر 2022ع تي ملاقات ٿي هئي. ڪميونسٽ پارٽي چين جي 20 هين نيشنل ڪانگريس جي تاريخي انعقاد ۽ صدر شي جن پنگ جي ٽيون ڀيرو جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ کانپوءِ وزيراعظم شه??از شريف چين جو دورو ڪندڙ اولين اڳواڻن ۾ شامل ??هي. اعليٰ سطحي وفد به وزيراعظم شه??از شريف سان گڏ هوندو. وزيراعظم شه??از شريف جو ٻن ڏينهن جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قيادت جي سطح تي مسلسل رابطن جي ڪڙيءَ ??هي. وزيراعظم شه??از شريف جي دوري دوران چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿينديون. ٻنهي ملڪن جا اڳواڻ سدا بهادر، آزمايل، اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن پارٽنرشپ جو جائزو وٺندا. ملاقاتون ۽ اجلاسن ۾ علائقائي ۽ عال??ي سطح تي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وسيع تر ٻطرفي تعاون جي ايجنڊا تي اڳڀرائي متوقع ??هي. دوري جي دوران مفاهمت جي ڪيترين ئي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪرڻ جا به امڪان آهن. دوري سان پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي رفتار وڌيڪ وڌڻ جي اميد ??هي. سي پيڪ جي حوالي سان گڏيل تعاون ڪميٽي (جي سي سي) جو 11 هون اجلاس 27 آڪٽوبر 2022ع تي ٿيو هو.