اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شري?? آمريڪي حڪو??ت پاران ٻوڏ ??تاثرين جي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي اضافي 30 ملين ڊالر جي اعلان جي آجيان ڪندي چيو آهي ته دنيا کي ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ الميي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي امداد جي اپيل ۾ حصو وجهڻ گهرجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ٻوڏ ??تاثرين جي لاءِ وڌيڪ 30 ملين ڊالر جي انساني امداد جي اعلان تي آمريڪي حڪومت جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته سرديءَ جي موسم شروع ٿيڻ سان ئي خوراڪ، صحت ۽ رهائش جا چئلينج درپيش آهن. ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ الميي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ دنيا کي فوري طور تي گڏيل قومن جي امداد جي اپيل ۾ حصو وجهڻ گهرجي.