اسلام ??با?? – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم او??نگ??يب چيو آهي ته ذيلي چونڊن جا نتيجا اليڪشن ڪميشن ۽ ادارن جي جانبداري جي خلاف فارن فنڊيڊ فتني جي بيانيي جو موت آهن، عمران خان پارليامينٽ ۾ پنهنجون ٻه سيٽون گهٽ ٿيڻ تي جشن ملهائڻ جو ڍونگ ڪري رهيو آهي، عمران خان وٽ پارليامينٽ ۾ 172 جو ميجڪ نمبر موجود نه آهي، پي ٽي آءِ جي 8 مان 2 وڌيڪ سيٽون هارائي عمران خان پارليامينٽ ۽ حڪومت کي ڊڪٽيٽ نٿو ڪري سگهي، روڊن تي يلغار ۽ وفاقي گادي واري شهر تي حملو ڪري حڪومت ??ه ٿي ڪيرائي سگهجي، حڪومت تبديل ڪرڻ جي لاءِ 172 ميمبرن جي اڪثريت ثابت ڪرڻي پوندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته 6 سيٽون کٽڻ تي عمران خان کي اسلام ??با?? تي يلغار جو لائيسنس ??ه ٿو ملي سگهي، عمران خان 8 سيٽن تي چونڊون وڙهي پي ٽي آءِ جون 8 سيٽون گهٽ ڪري ڇڏيون آهن. هن چيو ته حڪومت جي تبديلي جو طريقو اسلام ??با?? تي جٿن ذريعي يلغار ڪرڻ نه آهي. مريم او??نگ??يب چيو ته ايبسليوٽلي فراڊ ڪيو اڄ به پريس ڪانفرنس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر کان استعيفيٰ گهرندو؟ فارن ايجنٽ ڇا اڄ به نيوٽرلز جي خلاف تقرير ڪندو؟ توشه خانه جو چور ڇا اڄ به مسٽر ايڪس ۽ مسٽر وائي جو نالو وٺندو؟ فارن فنڊيڊ ڇا اڄ به اليڪشن ڪمشنر کي گاريون، ڌمڪيون ۽ الزامن جو نشانو بڻائيندو؟ هن چيو ته پي ٽي آءِ ون مين پارٽي بڻجي چڪي آهي، جنهن وٽ ڪو اميدوار نه آهي.