نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي آمريڪي صدر جو با??يڊن سا?? سندس پاران عالمي اڳواڻن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي جي موقعي تي مختصر ڳالهه ٻولهه ٿي، آمريڪي صدر پاران اهو آجياڻو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي ڏنو ويو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر بعد ۾ صحافين سا?? ڳالهائيندي ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ آمريڪي صدر جو با??يڊن جي وچ ۾ ٿيندڙ مختصر ڳالهه ٻولهه مثبت ۽ تعميري هئي. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپا ٺوس بنيادن تي قائم رهيا آهن. هن چيو ته عالمي اڳواڻن پ??ڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي تي همدردي ۽ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو ۽ هاڻي ان جذبي کي ٺوس قدمن ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي ته جيئن پ??ڪستان ٻوڏ سا?? وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي کانپوءِ بحالي ۽ به??ر تعمير طرف وڃي سگهي. حنا رباني کر چيو ته اسان موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ غيرمعمولي برساتن ۽ ٻوڏ سا?? نقصانن با??ت عالمي برادري کي ڀر??ور طريقي سا?? آگاهه ڪيو آهي.