اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير ۽ ڊپٽي چيئرمين اين ايف آر سي سي احسن اقبال چيو آهي ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب پاڪستان جو مجموعي انفراسٽرڪچر ۽ روزگار جي ذريعن سميت 4 مختلف چئ??ينجز آڏو آهن، عالمي برادري ۽ دوست ملڪن جي تعاون سان جلد انهن چئ??ينجن تي قابو پائي وٺنداسين. وزيراعظم شهباز شريف جي گڏيل قومن جي دؤري کان اڳ ملڪ ۾ ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جو شروعاتي ڪاٿو لڳائينداسين، هاڻوڪي ٻوڏ سان ??لڪ جو ٽيون حصو پاڻيءَ ۾ ٻُڏل آهي، 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي ٻوڏ کان ??ڌيڪ ان ??وڏ ۾ نقصان ??يو آهي، سنڌ جو وڏو حصو اڃا به پاڻيءَ ۾ ٻُڏل آهي، ٽريڪ پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ سبب اسلام آباد کان ڪراچي ريلوي آپريشن معطل آهي. هو نيشنل فلڊر ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريشن جي دؤري جي موقعي تي بريفنگ ڏئي رهيو هو. وفاقي ڪابينه جا ميمبر نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي ميجر جنرل ظفر اقبال پڻ ان ??وقعي تي موجود هو. وفاقي وزير گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي پاڪستان ??اري دؤري جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان جي هن مشڪل وقت ۾ عالمي برادريءَ کي اوهان جي پيغام سان اسان کي حوصلو مليو آهي، دنيا ان تي بيدار ٿي آهي. هن چيو ته هن وقت موسمياتي ڊزاسٽر کي مُنهن ڏئي رهيا آهيون، 2010ع جي ٻوڏ ۾ 20 ملين ماڻهو متاثر ٿيا هئا، هاڻوڪي ٻوڏ ۾ 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ايڏو وڏو سانحو ٿيو آهي. هن چيو ته اسان کي چئ?? چئ??ينجز جو مُنهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، ان ۾ پهريان ??مبر تي هي آهي ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب اسان جي انفراسٽرڪچر کي نقصان ??هتو آهي، روڊ، رستا، ريلوي، آبپاشي نظام، اسپتالون، واٽر اينڊ سيني ٽيشن، اسڪول، بجلي ۽ گيس ٽرانسميشن لائينن سميت بنيادي ڍانچو تباهه ٿيو آهي. هن چيو ته ورلڊ بئنڪ، ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ ۽ گڏيل قومن جي ماهرن، رٿابندي ۽ ترقيءَ واري وزارت سان گڏ نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ اسٽڊي شروع ڪري ڇڏي آهي، وزيراعظم جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي دؤري کان اڳ نقصانن جي شروعاتي رپورٽ تيار ڪئي ويندي، تفصيلي رپورٽ 4 کان 6 هفتن ۾ تيار ٿي ويندي. اسان کي ٻيو چئ??ينج روزگار جي ذريعن کي نقصان ??هچڻ آهي، اسان جا فصل، باغ ۽ ايندڙ فصلن لاءِ ٻج تباهه، هڪ وڏي تعداد ۾ چوپايو مال جي مرڻ سبب ٿيو آهي. هن چيو ته اسان جو چئ??ينج انهن متاثر 33 ملين ماڻهن کي واپس آسانيءَ واري ماحول ۾ آڻڻ آهي. هن چيو ته ان ??وڏ سبب اسان جي 3 سيڪڙو جي ڊي پي گروٿ متاثر ٿي آهي، اسان اڳ ئي مهانگائي جو مقابلو ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته هي سينٽر سول، ملٽري، وفاقي صوبائي حڪومتن ۽ اسٽيڪ هولڊرز سان ??لي ڪري ريسڪيو، رليف آپريشن لاءِ مربوط تعاون يقيني بڻائي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ??وم باهمت آهي جنهن موسمياتي چئ??ينجن جو مقابلو ڪيو آهي، اسان دوست ملڪن جي تعاون سان جلد آسانيءَ واري ماحول ۾ اچي ??ينداسين. هن چيو ته اسان ان سينٽر ۾ ڏهاڙي بنيادن تي ٻوڏ جي صورتحال ۽ رليف آپريشنل جو جائزو وٺي رهيا آهيون. ان ??وقعي تي نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي ميجر جنرل ظفر اقبال بريفنگ ڏيندي ٻُڌايو ته سنڌ صوبي ۾ 600 ملي ميٽر برساتون پيون جيڪي 500 سيڪڙو کان ??ڌيڪ آهن، دنيا ۾ سڀ کان ??ڌيڪ هڪ هنڌ تي اهي برساتون رڪارڊ ٿيون آهن، پاڪستان کي 2005ع جي زلزلي ۾ 5.2 ملين ڊالر ۽ 2010ع جي ٻوڏ ۾ 43 بلين ڊالرن جو نقصان ??يو هو. هن چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ ٽيون حصو پاڻيءَ ۾ ٻُڏل آهي، لکن جي تعداد ۾ چوپائي مال جو نقصان ??يو، اسلام آباد کان ڪراچي ريلوي ٽريڪ ڪيترن ئي هنڌن تي پاڻيءَ ۾ ٻُڏل آهي. هن چيو ته ايندڙ هفتي سنڌ ۾ حالتن ۾ لاڳيتو بهتري ايندي، سنڌ ۾ ريسڪيو آپريشن اڃا به جاري آهي. هن چيو ته پنجاب جي ٻن ضلعن ۾ پاڻي وڌيڪ آهي، گلگت ۽ آزاد ڪشمير ۾ ماضيءَ ۾ وڌيڪ برساتون ٿينديون رهيون پر ان ڀيري گهٽ برساتون ٿيون آهن. منگلا ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش برقرار آهي. هن چيو ته ان سينٽر ذريعي سمورن اسٽيڪ هولڊرز، صوبائي حڪومتن، هٿياربند فوج مربوط ڪوششون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته گڏيل قومن، آمريڪا، ??ين، گڏيل عرب امارتن سميت دوست ملڪ رليف سرگرمين لاءِ مدد ڪري رهيا آهن جن تي اسان انهن جا ٿورائتا آهيون.