ڪوئيٽا – 14 – آگسٽ (اي پي پي) بلوچس??ان ۾ 75 هون آزادي جو ڏهاڙو روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، بلوچس??ان ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن جي شروعات صوبائي گادي واري شهر ڪوئيٽا ?? 21 ??وپن جي سلامي سان ٿي، ڪوئيٽا گريزن سميت سڄي صوبي ۾ فجر جي نماز کانپوءِ ملڪ جي ترقي، سلامتي، يڪجهتي?? مسلمان امت جي اتحاد ۽ ڪشميرين جي جدوجهد ۾ ڪاميابي جي ل??ءِ خصوصي دعائون گهريون ويون، بلوچس??ان ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي سڀ ??ان وڏي تقريب ڪوئيٽا ۾ صوبائي اسيمبلي جي باغيچي ۾ ٿي جتي بلوچس??ان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو قومي جهنڊو ڦڙڪائي تقريب جي شروعات ڪئي، ان ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، پارلياماني سيڪريٽرين ۽ اسيمبلي ميمبرن سميت سول ۽ فوجي آفيسرن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي بلوچس??ان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو چيو ته پاڪس??ان هڪ مضبوط ملڪ آهي ۽ مختلف چئلينجن کي منهن ڏيندي اسان اڳتي وڌي رهيا آهيون، 27 رمضان المبارڪ تي وجود ۾ آيل هي ملڪ الله تعاليٰ جي نعمت آهي اسان کي گڏجي تعمير ۽ ترقي جي ل??ءِ ذات پات، قوميت، سنڌي، پنجابي، بلوچ، پشتون مان نڪري هڪ قوم جي حيثيت سان اڳتي وڌڻو پوندو. پاڪس??ان جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي ۽ ڪير به ميري اک سان نه ٿو ڏسي سگهي.