ڪراچي – 05 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي مح??ت ۽ افرادي قوت واري صوبائي وزير سعيد غني 5 آگسٽ ڪش??ير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان ڊسٽرڪٽ ايڊمنسٽريشن ا??سٽ تحت ٿيندڙ ريلي جي قيادت ڪئي. ريلي جي شروعات پيپلز چورنگي کان ٿي، شرڪت ڪندڙن مزار قائد وي آءِ پي گيٽ تائين مارچ ڪيو. ان موقعي ??ي صوبائي وزير گيانچند، سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار رسول بخش چانڊيو، خصوصي صلاحڪار صادق ميمڻ، سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن، ڊي سي ايسٽ راجا طارق چانڊيو، ايڊمنسٽريٽر ايسٽ رحمت الله شيخ ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا. ريلي ۾ مختلف اسڪولن جي ٻارن به شرڪت ڪئي. ريلي جي شروعات ??ي صبح 9 وڳي ڪش??يرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته اڄ سڄي پاڪستان ۾ ڪش??ير استحصال ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت ڪش??ير جي خصوصي حيثيت ختم ڪئي ۽ ڀارتي آئين والاريل ڪش??ير تي لاڳو ڪيو. هن چيو ته ڪش??ير استحصال ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان پنهنجي ٻارن کي ٻڌايون ته هي ڏينهن اسان ڇو ملهائيندا آهيون. صوبائي وزير چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيو هو ته اسان کي جيڪڏهن ڪش??يرين جي آزادي گهرجي ته هڪ هزار سالن تائين به وڙهڻو پيو ته اسان وڙهنداسين، اڄ اسان جو اهو نعرو آهي ته ڪش??ير بڻجندو پاڪستان. انشاءَ الله اهو ضرور پورو ٿيندو. تقريب جي پڄاڻي تي اسڪول جي ٻارڙن ۽ ٻارڙين قومي گيت پيش ڪيا.