اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف جاپان سان پاڪستان جي پراڻن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏيندي ان قابل قدر حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو آهي جڏهن ته هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن، سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي ضرورت آهي. وز??را??ظم هائوس ميڊيا ونگ پاران جاري بيا?? موجب وز??را??ظم سان جاپان جي پرڏيهي معاملن واري نائب پارلياماني وزير هونڊا تارو ڪالهه اربع ڏينهن ملاقات ڪئي. ا?? موقعي تي دوستاڻن ۽ تعاون تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي وز??را??ظم پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر ۽ سماجي ۽ اقصادي ترقي جي لاءِ جاپان حڪومت پاران فراهم ڪئي وي??دڙ معاونت کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي، قابل تجديد توانائي ۽ بين لاڳاپيل شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ گهرجي. گذريل ڪيترن ئي سالن ۾ جاپاني ادارن پاران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي ساراهيندي وز??را??ظم خاطري ڪرائي ته حڪومت اهڙي قسم جي سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي. وز??را??ظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. پرڏيهي معاملن واري پارلياماني نائب وزير پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿي??دڙ جاني ۽ مالي نقصان تي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ جاپان جي عزم کي ورجائيندي هن پاڪستان جاپان تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ ذاتي ڪوششن تي وز??را??ظم جا ٿورا مڃيا. هن واپار، سيڙپڪاري ۽ سماجي اقتصادي ترقي جي حوالي سان پاڪستان سان جاپان جي مسلسل تعاون جي عزم کان آگاهه ڪيو. وزير هونڊا تارو وز??را??ظم کي پاڪستان ۾ جاپان جي امدادي اداري جائيڪا جي خاص طور ت?? صحت، پاڻي، صفائي سٿرائي ۽ قدرتي آفتن کان ڇوٽڪاري جي شعبن ۾ تعاون بابت پڻ آگاهه ڪيو. وز??را??ظم غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي سنگين صورتحال تي روشني وجهندي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن، سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي ضرورت تي زور ڏنو.