اسلام آب??د ?? 17 – جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته پيپلزپارٽي غريبن جي مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ عملي جدوجهد تي يقين رکي ٿي، بي آءِ ايس پي تحت ماڻهن کي ??نهن جي گهرن تي امدادي رقم جي فراهمي لاءِ ڪوشان آهيون. هن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ کي معاشي ۽ اقتصادي طور تي عمران خان جيترو نقصان پهچايو ان جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي، پاڻ کي ??يماندار چوندڙ عمران خان غير ملڪي فنڊنگ جو حساب ڏي?? کان راهه فرار اختيار ڪري رهيو آهي، هن چيو ته عمران خان ٻاهرين محاذ تي ملڪ کي ??ڪيلو ڪري ڇڏيو، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو هن وقت دنيا ۾ پاڪستان جي تشخص کي ??هتر بڻائڻ جي جنگ وڙهي رهيو آهي. هن چيو ته عمران امپائر کانسواءِ اليڪشن وڙهي کيس خبر پ??جي ويندي ته عوام گڏ آهي يا نه، هونئن به عوام سندس ڌرڻي جي سڏ کي ??د ڪري پنهنجو فيصلو ٻ??ائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته هن وقت پاڪستان کي مشڪل حالتن مان ڪڍڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.