اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي اڳ ۾ ئي پاڪستاني سفارتخانو زائرين سان مڪمل رابطي ۾ آهي، اٽڪل 300 زائرين شام ۾ ڦاٿل آهن، سمورن پاڪستانين جي وطن واپسي جي لا??ِ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، پاڪستاني سفارتخانو ۽ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لا??ينز (پي آءِ اي) عملدار به مڪمل رابطي ۾ ??هن. شام ۾ فضائي آپريشن معطل ٿيڻ کانپوءِ ڦاٿل پاڪستانين جي وطن واپسي جي حوالي سان ميڊيا جي سوالن جي جوا?? ۾ ??رڏيهي آفيس جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته (سڀاڻي) سومر 13 جون 2022ع تي 160 ماڻهو پي آءِ اي جي ذريعي اليپو ايئرپورٽ (دمشق کان اٽڪل 150 ڪلوميٽر پري) کان پاڪستان وڃڻ جي لا??ِ تيار ??هن. پاڪستاني سفارتخاني دمشق کان اليپو تائين مسافرن جي اچ وڃ جو بندوبست ڪيو آهي جڏهن ته باقي 140 زائرين پاڻ عراق ويندا.