اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شه??از شريف بيساکي جي ميلي تي پاڪستان ايندڙ سکن کي ڀل??ڪار چئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته بيساکي جو پنجابي ڏڻ نه رڳو ڪڻڪ ??و لابارو شروع ٿيڻ جي علامت آهي پر اهو اميد، تجديد ۽ ترقي جي علامت پڻ آهي. وزيراعظم چيو ته بهار موسم جي ان ڏڻ کي ملهائيندڙ سمورن ماڻهن کي مبارڪباد ڏيان ٿو.