اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي قومي اسيمبلي جي سيٽن تان پي ٽي آءِ جي ميمبرن جي مستعفي ٿيڻ ۽ وزارت عظميٰ جي چونڊن جو بائيڪ??ٽ جو اعلان ڪيو. قومي اسيمبلي ۾ قائد ايوان جي چونڊن جي موقعي تي خطاب ڪندي هن چي?? ته قوم جي سامهون ٻه رستا آهن هڪ خودداري ۽ ٻيو غلامي جو رستو آهي، عمران خان مون کي اهو اعزاز بخشي?? ته آئون پي ٽي اءِ پاران وزيراعظم جو اميدوار ٿيان. سمورن اسيمبلي ميمبرن جو ٿورو ادا ڪريان ٿو جن مون سان تعاون ڪيو. هن چي?? ته تحريڪ انصاف هڪ نئين پارٽي آهي پر مختلف مرحلا طئي ڪندي ان کي هڪ نظرياتي فڪر رکندڙ پارٽي جو اعزاز به حاصل ٿيو آهي، تاريخ ان ڳالهه جي گواهه آهي ته هن ايوان جون ڪيتريون ئي معزز پارٽيون ڪنهن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيون آهن پر انهن ۾ ڪو نظرياتي قدر هڪجهڙا نه آهن، اڄ حڪومتي بينچن تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جا دوست به ويٺل آهن، ٽي سال 8 مهينن تائين اهي ميمبر سنڌ ۾ پ پ جي خلاف مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪندا رهيا، اڄ اهي ڪهڙي ڀلائي جي اميد ڪن ٿا. ايم ڪيو ايم جي ساٿين سان ماضي ۾ به ڪجهه معاهدا ڪيا ويا جنهن تي عمل ناهي ڪيو ويو، هن چي?? ته عمران خان جيڪو فيصلو ڪيو اهو ذوالفقار علي ڀٽو جي ان سوچ جي عڪاسي ڪري ٿي ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي، ڪالهه رات پوري قوم عمران خان جي ڪال تي لبيڪ چيو آهي، اڄ ڪوئي کٽي هارائيندو ۽ ڪوئي هارائي به کٽي ويندو، عمران مقدر جو سڪندر آهي، شاهه محمود قريشي چي?? ته عمران خان قوم کي خودداري ۽ ڪنڌ مٿي کڻي هلڻ جو درس ڏنو آهي، عمران خان صحت ڪارڊ ڏنو، هن وقت اسان جي معيشت پنج سيڪڙو جي شرح ترقي ڪري رهي آهي، عمران قومي زبان، لباس کي اجاگر ڪيو، جڏهن هندستان پلوامه کانپوءِ حملو ڪي?? ته اسان جي پارٽي ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو، عمران خان احساس پروگرام جي ذريعي ڪروڙين ماڻهن کي جيئن جو حق ڏنو، عمران خان پاڪستان جي ماڻهن کي غلامي کان آزادي جو تصور ڏنو، هن چي?? ته شهباز شريف سان قوم جو مينڊيٽ نه آهي، اهي عارضي اتحاد آهي جيڪو وکري ويندو، بلاول ڀٽو جنهن پراڻي پاڪستان جي نويد ??ڌائي رهيو آهي ان ۾ پاڪستان جو ٻار ٻار قرضي آهي، اهي ماڻهو پاڪستان کي فيٽف جي گري لسٽ ۾ ڇڏي ويا، اڄ ملڪ جي هر اداري ۾ ڪرپشن پاڙ پڪي ڪري رهي آهي، اڄ خدمتون فراهم ڪندڙ مڪمل ناڪام ٿي چڪا آهن، هن چي?? ته تحريڪ انصاف فوج جي قربانين کي سلام پيش ڪري، ٻاهرين مداخلت ٿي آهي جنهن جو اعتراف نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ڪري رهي آهي، اڄ ان پراسيس ۾ شامل ٿيڻ ان عمل کي جائز قرار ڏيندو ان لاءِ اليڪشن جي بائيڪ??ٽ جو اعلان ڪري رهيو آهيان، پارٽي جي اجتماعي فيصلي کي سامهون رکندي اڄ مستعفي ٿيڻ جو اعلان ڪريون ٿا.