اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ صنعتي ت??قي جي لاءِ انڪم ٽيڪس ترميمي آرڊيننس 2022ع جاري ڪري ڇڏيو، ??رڊيننس جو مقصد ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ صنعتن جو فروغ، بيمار صنعتي يونٽس کي بحال ڪرڻ آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب آرڊيننس تحت نقصان ۾ ويندڙ ۽ بيمار صنعتن کي ٻيهر زن??هه ڪرڻ جي لاءِ پئڪي?? ڏنو ويو آهي. آرڊيننس جي مدد سان انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع ۾ سيڪشن 59 سي، 65 ايڇ، 100 ايف جو اضافو ڪيو ويو آهي. آرڊيننس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نئين صنعتون قائم ڪرڻ جي لاءِ ظاهر ڪيل اثاثن تي سيڙپڪارن کي رڳو 5 سيڪڙو مقرر ٽيڪس ڏيڻو پوندو، ??اهر ڪيل فنڊز رڳو پلانٽ ۽ مشينري خريد ڪرڻ، انڊسٽري قائم ڪرڻ جي لاءِ استعمال ٿي سگهندا، فائديمند ڪمپنيون بيمار ۽ نقصان ۾ ويندڙ صنعتون حاصل ڪري سگهنديون، حوصلا افزائي لاءِ بيمار صنعت جو ٽيڪس نقصان ايندڙ ٽن سالن جي لاءِ ايڊجسٽ ڪري سگهبو. سمنڊ پار پاڪستاني، ٻاهرئين ملڪ اثاثا رکندڙ پاڪستاني سيڙپڪاري ڪري سگهندا، سيڙپڪار پئڪيج تحت واپس آندل رقم تي 100 سيڪڙو ٽيڪس ڪريڊٽ جا اهل هوندا، پئڪيج تحت واپس آندل رقم جي برابر ٽيڪس ڪريڊٽ رڳو 5 سالن تائين ڏنو ويندو. صدر وزيراعظم جي ايڊوائيس تي آئين جي آرٽيڪل 89 تحت آرڊيننس جاري ڪيو.