اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي عورتن کي بااختيار بڻائڻ کي ??عاشي ترقي ۾ اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته معاشري جي وڏي ذميداري هوندي آهي ته اها انهن جي مختلف شعبن ۾ حصيداري يقيني بڻائڻ لاءِ محفوظ ماحول فراهم ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”اڄ صنفي برابري سڀاڻي پائيداريت“ جي موضوع تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان تقريب جو اهتمام يونائيٽيڊ نيشن وومن، گڏيل قومن جي آبادي فنڊ، يورپي يونين، يو ڪي ايڊ ۽ ڪينيڊا حڪومت جي تعاون سان ڪيو ويو هو. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي حضرت محمد ﷺ جي گهرواريءَ حضرت خديجه جو واپاري طور حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان سميت ڪٿي به عورتن جي ڪاروبار ڪرڻ تي ڪا به پابندي نه آهي. هن چيو ته عورتون انٽرپيرينور تي زور ڏنو ته اهي جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻن ۽ عالمي منڊي ڳولين. هن عوامي جاين تي عورتن جي آزادي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن اهي سٺي طريقي سان ۽ ڪنهن سماجي دٻاءُ کانسواءِ پنهنجا فرض سرانجام ڏئي سگهن. هن عورتن کي ??الياتي ۽ ڊيجيٽل طور تي بااختيار بڻائڻ لاءِ پروگرام، عورتن جي وراثتي حقن جي قانون ۾ ترميم، عصمت دري ۽ خودڪشي جي واقعن بابت قانوني حڪمت عملي ??ميت عورتن کي بااخيتار بڻائڻ لاءِ قدمن تي اطمينان ظاهر ڪيو. هن چيو ته هن وقت بئنڪون عورتن کي ??الي ??ور تي خودمختيار بڻائڻ لاءِ قرض فراهم ڪري رهيون آهن. حراسگي ۽ استحصال جي ڪيسن تي ضابطو آڻڻ جي حوالي ??ان هن چيو ته گواهن جي پيش نه ٿيڻ بابت عدالتن جا تازا فيصلا اهم آهن، ڇو ته انهن جي پيش نه ٿيڻ سان ڏوهارين کي ??ائدو ٿئي ٿو. صدر چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي ??ناح عورتن جي حقن جو عظيم علمبردار هو، هن سدائين عورتن کي ??ومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي حمايت ڪئي، ڇو ته اهي آبادي جي اڌ حصي کان وڌيڪ آهن. انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته عورتن جو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد انهن جي ترقي جي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ ۽ انهن کي درپيش چئلينجن کي ??نهن ڏيڻ کي عملي ??ڪل ڏيڻ آهي. صدر عارف ع??وي ۽ سندس گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف ع??وي ان موقعي تي هٿ جي هنر جي اسٽالن جو دورو به ڪيو.