اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت معاشري جي ڪمزور طبقن جو پنهنجو گهر خريد ڪر?? جو خواب پورو ڪري رهي آهي، شهرن جي تمام گهڻي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ ڊگهين عمارتن جي تع??ير جو ماڊل اختيار ڪيو ??ڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ سادي تقريب ۾ فراش ٽائون اسلام آباد جي گهٽ لاڳت ۾ اپارٽمينٽس جي قرعه اندازي جي موقعي تي ڪيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت غريب طبقي کي پنهنجو گهر خريد ڪر?? جي خواب کي پورو ڪري رهي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته گهرن جي الاٽمينٽ ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو ??ڃي. هن چيو ته وڌندڙ آبادي ۽ شهرن جي تمام گهڻي ڦهلاءُ جي روڪڻ جي لاءِ ڊگهين عمارتن جي تع??ير جي ماڊل کي اختيار ڪيو ??ڃي. فراش ٽائون من??وبو نئون پاڪستان هائوسنگ ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ سي ڊي اي جي حصيداري سان مڪمل ڪيو پيو وڃي جيڪو ٻن هزار گهٽ لاڳت وارن اپارٽمينٽس تي ٻڌل آهي. هڪ اپارٽمينٽ جي قيمت 32 لک رپيا مقرر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ 3 لک رپيا حڪومت سبسڊي ڏيندي جنهن جي ڪري في يونٽ لاڳت 29 لک رهجي ويندي. غريب ۽ وچولي طبقي جي لاءِ اسلام آباد ۾ پنهنجو گهر خريد ڪر?? جي خواب کي پورو ڪر?? جي لاءِ وزيراعظم جي خصوصي دلچسپي سان اهو من??وبو مڪمل ڪيو پيو ??ڃي. اپارٽمينٽس جي خريداري جي لاءِ پرائيويٽ بئنڪون آسان قسطن تي قرضن جي سهولت پڻ ڏئي رهيون آهن. سبسڊي جي ڪري انهن اپارٽمينٽس جي ماهوار 13000 رپيا هوندي جڏهن ته مارڪيٽ ريٽ 38000 رپيا بڻجي ٿي. پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب پڻ تقريب ۾ موجود هئا.