اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي قومي سلامتي پاليسي گهڻ رخي آهي، متفقه دستاويز جي ??وڙجڪ ۾ درپيش چئلينجن کي نظر ۾ رکيو ويو آهي، قومي سلامتي جي لاءِ گهڻ رُخي ترقي اڻٽر آهي، قانون جي ??ڪمراني کانسواءِ ڪو ب?? ملڪ خوشحال نٿو ٿي سگهي، اسان جي ڪوشش معيشت جو استحڪام ۽ معاشري جي هيٺين طبقن کي مٿي آڻڻ آهي.
هو وزيراعظم آفيس ۾ نيشنل سيڪيورٽي پاليسي جي پبلڪ ورزن جاري ڪرڻ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب کي وزيراعظم جي قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف به خطاب ڪيو. تقريب ۾ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر، وفاقي ڪابينا جا ميمبر، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، هٿياربند فوج جا سربراهه، سفارتڪار ۽ اع??يٰ فوجي ??ملدار به موجود هئا. ان کان اڳ وزيراعظم قومي سلامتي پاليسي جي ??اريخي دستاويز تي صحيح به ڪئي، وزيراعظم پنهنجي ??طاب ۾ چيو ته قومي سلامتي پاليسي جي ??وڙجڪ قابل تحسين ڳالهه آهي، اها پاليسي گهڻ رخي آهي ۽ اها متفقه دستاويز وڏي محنت سان تيار ڪئي وئي آهي، قومي سلامتي جي ??حيح معنيٰ ۾ تعريف ڪئي وئي آهي ۽ ان جي ??وڙجڪ ۾ ملڪ ۽ قوم کي درپيش چئلينجن کي نظر ۾ رکيو ويو آهي هن چيوت ه قومي سلامتي جي لاءِ هر پاسي ترقي اڻٽر آهي، پر پاسي ترقي جو مطلب صرف غريب عوام جي نه پر نظرانداز ٿيل ۽ گهٽ ترقي يافته علائقن جي ??رق?? به آهي، ان طرح هر عام ماڻهو رياست جي ??حفظ لاءِ اسٽيڪ هولڊر بڻجي ويندو آهي، سڀ کان وڏي سيڪيورٽي ان وقت هوندي آهي جڏهن رياست جي ??حفظ لاءِ عوام ان جي پويان بيهندي آهي.
وزيراعظم چيو ته قومي سلامتي پاليسي درست رخ جو تعين به ڪندي ۽ قومي سلامتي ۽ استحڪام کي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ رخ ۾ گامزن ٿيڻ جي لاءِ پوري حڪومتي مشينري جي مدد ڪندي. هن چيو ته اسان جي هٿياربند فوج اسان جو فخر آهي. هٿياربند فوج کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جنهن خطرن جي ??اوجود ملڪ کي محفوظ رکيو، وزيراعظم دهشتگردي جي ??لاف جنگ ۾ به هٿياربند فوج جي ??ي مثال قربانين جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته خطي ۾ اسان کي درپيش خطرن ۽ هائبرڊ وار جي وڌندڙ چئلينجن جي ڏس ۾ انهن کي اسان جي ??رفان وڏي اهميت ۽ حمايت حاصل رهندي. وزيراعظم چيو ته اسان جي پرڏيهي پاليسي جو وڏو مقصد خطي ۽ خطي کان ٻاهر امن ۽ استحڪام رهندو، اسان جي پرڏيهي پاليسي ۾ جاري معاشي پرڏيهي پاليسي تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويندو، وزيراعظم چيو ته قومي سلامتي پاليسي سندس حڪومت جي ??ولين ترجيح هئي، وزيراعظم اهو هدف حاصل ڪرڻ تي قومي سلامتي جي ??لاحڪار ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد ڏني. هن پاليسي تي ڪامياب عملدرآمد جي ??هميت کي اجاگر ڪيو ۽ اع??ان ڪيو ته قومي سلامتي ڪميٽي باقاعدگي سان ان تي اڳڀرائي جو جائزو وٺندي. وزيراعظم واضح ڪيو ته قومي سلامتي پاليسي 26 -2022ع جو محور حڪومت جو ويزن آهي جيڪو يقين رکي ٿي ت?? ملڪي سلامتي جو دارومدار شهرين جي ??لامتي ۾ لڪل آهي، ڪنهن به قومي سلامتي پاليسي ۾ قومي هم آهنگي ۽ ماڻهن جي ??وشحالي کي شامل ڪرڻ گهرجي ??ڏهن ته بنا فرق جي ??نيادي حقن ۽ سماجي ??نصاف جي ??مانت هجڻ گهرجي، هن چيو ته پنهنجي ??هرين جي وسيع صلاحيتن مان فائدو کڻڻ لاءِ خدمتن تي ٻڌل بهترين نظم ۽ ضبط کي فروغ ڏيڻ ضروري آهي.
هن چيو ته مجبوري جي ??الت ۾ آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوندو آهي ۽ ان جا شرط به مڃڻا پوندا آهن. وزيراعظم تعليم، غذائي تحفظ، قومي معيشت، ماحولياتي تبديلي، قانون جي ??ڪمراني، برابر ترقي، آبي تحفظ سميت مختلف اهم شعبن جي ??هميت کي اجاگر ڪندي چيو ته ڪنهن ب?? ملڪ جو تعليمي نظام ئي قوم جي ??وڙجڪ ڪندو آهي، انگريز هتي انگلش ميڊيم نظام ڇڏيا ويا جيڪو ٿورن ماڻهن لاءِ هو بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ ٽي تعليمي نظام وڌي رهيا آهن، جنهن ۾ انگريزي، اردو ۽ مدرسن جو متوازي نظام شام آهن جنهن جا معاشري تي منفي اثر پئجي ??هيا آهن، پئسي وارا انگريزي ميڊيم جي چونڊ ڪري رهيا آهن جڏهن ته سڀ کان محروم طبقو مدرسن ۾ تعليم پرائي رهيو آهي، 8 لک ٻار انگلش ميڊيم سسٽم جو حصو آهن جڏهن ته 25 کان 26 لک مدرسن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن. باقي آبادي لاءِ اردو ميڊيم آهي، اسان پهريون ڀيرو پنجين تائين هڪجهڙو نصاب وڏي مشڪل سان جوڙيو آهي جنهن کي مرحليوار ۽ اڳئين ڪلاسن تائين وٺي وينداسين،
وزيراعظم چيو ته دنيا جو ڪو ب?? ملڪ قانون جي ??ڪمراني کانسواءِ خوشحال نٿو ٿي سگهي، غريب ملڪ ان لاءِ غريب نه آهن ته انهن وٽ وسيلن جي کوٽ آهي پر اتي قانون جي ??ڪمراني نه آهي، خوشحال ۽ غريب معاشري ۾ بنيادي فرق به اهو ئي آهي، مديني جي ??ياست جا حڪمران قانون جي ??ڪمراني جي ڪري دنيا جا حڪمران بڻيا، اتي امير ۽ غريب جي لاءِ ڌار ڌار قانون نه هو، هن چيو ته سوئٽزرلينڊ جو رقبو اسان جي ??ترين علائقن کان به گهٽ هجڻ جي ??اوجود صرف سياحت مان 60 ارب ڊالر ڪمائيندا آهن جنهن جو بنيادي سبب اتي قانون جي ??ڪمراني آهي ۽ ادارن جي مضبوطي آهي، وزيراعظم چيو ته اسان جي ??دوجهد اها آهي ت?? ملڪ ۾ قانون جي ??ڪمراني هجي، قانون جي ??ڪمراني نه هجڻ جي ڪري ملڪ ۾ ڪارٽل بڻي ويو، چٽاڀيٽي ڪميشن سميت هر ريگوليٽر جو ڪم عوامي مفادن جو تحفظ ۽ ڪنهن اداري جي هڪ هٽي روڪڻ آهي، ماضي ۾ بدقسمتي سان پاڪستان کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ جون ڪوششون نه ڪيون ويون، هي ملڪ 22 ڪروڙ عوام جو آهي جنهن جي ??ڪثريتي آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، هتي دنيا جي ??مورين وڏين ڪمپنين کي سيڙپڪاري لاءِ اچڻ گهرجي،
هن چيو ته پاڪستان جو روانگي واپار وڌائڻ لاءِ ماضي ۾ ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو. جيڪڏهن اسان پاڪستان جو روانگي واپار وڌائينداسين ته اسان وٽ دولت ڪيئن ايندي، ملڪ ڪيئن ترقي ڪندو، ان تي اسان اسٽيڊي ڪئي ته خبر پئي ت?? ملڪي ادارن کي ٻاهرين سيڙپڪارن ۽ روانگي واپار جي ??والي سان ڪا به دلچسپي نه پر انهن جي ??ستي ۾ رڪاوٽون بيهاريون ويون آهن، وزيراعظم چيو ته اسان وٽ وسيلن سان مالا مال زمين آهي، اسان سامونڊي پٽي مان پام آئل حاصل ڪري سگهون ٿا، مراعتون ڏيڻ سان اسان جي ??ءِ ٽي برآمدات ۾ 70 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ايندڙ وقت ٽيڪنالاجي ??و آهي، هن چيو ته نيشنل سيڪيورٽي پاليسي جي ??وڙجڪ ۾ چئلينجز کي نظر ۾ رکيو ويو آهي، پاڪستان کي ايندڙ وقتن ۾ پاڻي جو وڏو چئيلنج درپيش ايندو. ان کي منهن ڏيڻ لاءِ 10 ڊيم ٺاهي رهيا آهيون جيڪي 10 سالن ۾ مڪمل ٿيندا ۽ جنهن سان پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي ??لاحيت ۾ اضافو ٿيندو ۽ غذائي تحفظ حاصل ٿيندو، ان سان گڏوگڏ ماحولياتي تبديلين ک?? به ان پاليسي جو حصو بڻايو ويو آهي، ماحولياتي تبديلين جي ??والي سان پاڪستان پاران کنيل قدمن کي دنيا ساراهي ٿي.
هن چيو ته اسان پهريون ڀيرو عوام کي صحت جون سهولتون ڏيڻ لاءِ صوبن کي رضامند ڪيو آهي، عوام کي 10 لک روپين تائين مفت صحت جي ??هولتن لاءِ صحت ڪارڊ جاري ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ پگهاردار طبقي لاءِ پنهنجو گهر بڻائڻ جي لاءِ به پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، هاڻي پهريون ڀيرو پگهاردار طبقو پنهنجو گهر ٺاهي سگهندو، ماضي ۾ گهر ٺاهڻ لاءِ بئنڪن کان قرض ن?? ملي رهيا هئا، اسان ان جي ??ستي ۾ ايندڙ ڪاوٽون ختم ڪيون، هن چيو ته اسان جو بينادي ڪم هيٺين طبقي کي مٿي کڻڻ آهي، اسان بلوچستان گلگت بلتستان ۽ فاٽا جي ??م ٿيل ضلعن جهڙن گهٽ ترقي يافته علائقن کي مٿي کڻي اچڻو آهي، اسان گلگت بلتستان جي محرومي ختم ڪرڻ لاءِ صوبائي درجو ڏنو آهي، هن ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن کي قومي سيڪيورٽي پاليسي جي ??وڙجڪ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هن انتهائي محنت سان اها پاليسي تيار ڪئي آهي.