راولپنڊي- 16 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف آر??ي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه سان جاپان جي سفير وادا مٽسو هيرو جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سلامتي، افغانستان جي موجوده صورتحال خاص طور تي انساني امداد ۾ سه??ار/شراڪتداري تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق آر??ي چيف چيو ته پاڪستان جي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي جاپان جي ڪردار کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ اسان پنهنجن ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. آر??ي چيف انساني بحران کي روڪڻ لاءِ افغانستان کي انساني امداد پهچائڻ لاءِ فوري طور تي هڪ اداره جاتي طريقي??ار واضح ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. آر??ي چيف افغانستان ۾ امن ۽ مفاهمت جي قدمن جي اهميت تي زور ڏنو. آر??ي چيف ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته ڪشمير تڪرار جو پُرامن حل ڏکڻ ايشيا ۾ استحڪام ل??ءِ ضروري آهي ۽ پاڪستان علائقائي امن ۽ خوشحاليءَ لاءِ سمورن پاڙيسرين سان گڏ خوشگوار ناتا چاهي ٿو. جاپاني سفير افغان صورتحال تي پاڪستان جي ڪردار ۽ علائقائي استحڪام ل??ءِ خاص ڪوششن کي ساراهيو ۽ پاڪستان سان هر سطح تي سفارتي سه??ار ۾ وڌيڪ بهتريءَ لاءِ پنهنجي ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.