لاهور – 27 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ??اڪ??تان ۾ ميڊيا ۽ جمهوريت کي مڪمل آزادي حاصل ??هي، صحافت جي شعبي ۾ فيڪ نيوز پکيڙڻ تمام آسان ٿي ويو آهي، اظهار راءِ جي آزادي جي آڙ ۾ ڪوڙيون خبرون پکيڙڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، ميديا ۾ توازن رکڻ ضروري آهي، مسلم دنيا ۾ ??اڪ??تان جو ڪو مقابل نه آهي، اسان پنهنجي صحافتي آزادين جو تق??بل ٿرڊ ورلڊ يا مسلم ورلڊ سان نه پر فرسٽ ورلڊ سان ڪريون ٿا، ??اڪ??تان جڏهن ٺهيو ته دنيا جا مسلمان ان کي نشاط ثانيه جي طور تي ڏسي رهيا هئا، عورت ليڊرشپ پيدا ڪرڻ ۾ مسلمانن اهم ڪردار ادا ڪيو، مولانا محمد علي جوهر ۽ مولانا شوڪت علي صحافت جا روشن ستارا هئا، مولانا ظفر علي خان مرحوم کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته اسان صحافت ڪريون ذميواري سان. اهڙن خيالن جو اظهار هن مولانا ظفر علي خان مرحوم جي 65 هين ورسيءَ جي موقعي ت?? تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مولانا ظفر علي خان مرحوم کي ??اڪ??تان ۾ باباءِ صحافت چيو وڃي ٿو، هو تحريڪ ??اڪ??تان جو اهم اڳواڻ هو. هن چيو ته اسان جي بزرگن تحريڪ ??اڪ??تان جي لا??ِ سرگرم ڪردار ادا ڪيو، 1946ع ۾ چوڌري اويس جهلم ضلعي ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو صدر رهيو، منهنجو چاچو چوڌري الطاف 1952ع ۾ اولهه ??اڪ??تان اسيمبلي جو ميمبر رهيو، مختلف حيثيتن سان هن تحريڪ ??اڪ??تان جي لا??ِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 1870ع ۾ پهرين اخبار هيڪن گزٽ جي نالي سان ڪوڪلڪتا مان شايع ٿي، هندستان جي مختلف شهرن ۾ صحافت جو وڏو غلبو رهيو آهي، اتر انڊيا ۾ صحافت جو مرڪز لاهور هو، لاهور مان تمام وڏيون اخبارون شايع ٿيون. هن چيو ته 1903ع ۾ مولانا ظفر علي خان جي والد زميندار اخبار شروع ڪئي. واشنگٽن ۾ قائم اخبارن ۽ ميڊيا بابت ميوزيم جي طرز تي اسان کي لاهور ۾ به ميوزيم ٺاهڻ گهرجي، لاهور ۾ اردو بازار تاريخي اهميت رکي ٿي، ڪتاب ۽ پرنٽنگ سان شرف رکندڙ ان مان فائدو کڻي سگهن ٿا.