اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته اسان کي افغانست??ن جي موجوده صورتحال تي انساني همدردي تحت ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، عوامي مفاد لاءِ جتي به ضرورت پئي ته قانونسازي ڪنداسين، هو موسمياتي تبديلي بابت ڪم??ٽي جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پارليامينٽ جو ڪم صحيح معنيٰ ۾ عوام جي ئي نمائندگي ڪرڻ آهي، عوامي مفادن جي تحفظ لاءِ جتي به ضرورت پئي قانونسازي ڪنداسين، هن چيو ته اسٽينڊنگ ڪم??ٽين ۾ ماهرن سا?? گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، اسان زراعت جي ڪم??ٽي ۾ آبادگارن، سائنسدانن ۽ ماهرن سا?? گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، موجوده اسيمبلي اهم قانونسازي ڪئي آهي، هن وقت تائين 94 بل منظور ٿي چڪا آهن ۽ 200 کان وڌيڪ بل ڪم??ٽين ۾ غور هيٺ آهن، اهڙي طرح نجي ميمبرن جا 16 بل به منظور ٿي چڪا آهن، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته موجوده پارليامينٽ محروم طبقي جي حوالي سا?? ??دم کنيا آهن، خصوصي ماڻهن جي حوالي سا?? به قانونسازي ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته اسان کي افغانست??ن جي صورتحال تي انساني همدردي تحت ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. افغانست??ن جي ماڻهن کي خوراڪ جي فراهمي لاءِ ??دم کنيا پيا وڃن. افغانست??ن جي صورتحال تي پارليامينٽ جي ڪم??ٽي جوڙي وئي آهي، هن چيو ته خيبرپختونخوا صوبي جي قبائلي ضلعن (اڳوڻي فاٽا) جي حوالي س??ن جيڪي واعدا ڪيا آهن انهن تي عملدرآمد جي حوالي سا?? پارليامينٽ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.