اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪابل ۾ هڪ اهڙي حڪومت جا خواهشمند آهيون جنهن تي اف??انستان جون سڀئي سياسي پارٽيون ۽ عوام متفق هجي، نيٽو فوج جي ??اپسي کانپوءِ اف??ان فوج پنن وانگر وکري وئي آهي، اف??انستان جي صورتحال جو اثر پاڪستان تي به پوندو آهي، اف??ان قيادت جا اثاثا ۽ خاندان ٻاهرين ملڪ آهن، جڏهن ته اف??ان عوام غربت ۽ مشڪلاتن ۾ مبتلا آهي، پاڪستان اف??ان پناهگير ٻارن کي اسڪالرشپ ڏنيون، 6 هزار اف??ان ٻار هن وقت پاڪستان ۾ تعليم پرائي رهيا آهن، يونيورسٽين جو جديد ٽيڪنالاجي ۾ اهم ڪردار آهي، آءِ ٽي ۽ تعليم جي ڪري پاڪستان جي ??ستقبل کي روشن ڪرڻو آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت قائداعظم ۽ علامه اقبال جي ??ظرين تي ٻڌل جديد مسلم رياست جي ??يام لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، صوبن ۽ وفاق کي تعليم ۾ جدت لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اسلامي يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ ”پاڪستان جي ??ستقبل ۾ نوجوانن جو ڪردار“ جي ??وضوع تي ٿيندڙ سيمينار کي خط??ب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عالمي اسلامي يونيورسٽي جو پاڪستان جي تعليمي شعبي ۾ اهم ڪردار آهي، دنيا ۾ ماڊرن يونيورسٽيون جديد تعليم، صنعت ۽ ٽيڪنالاجي کي ??ڏائي نئين معيشتن جو بنياد رکيو، اسٽين فورڊ يونيورسٽي آمريڪا ۾ 500 ٽريلين ڊالر جي ??عيشت بيهاري، ايپل، گوگل، واٽس ايپ، اسٽي فورڊ يونيورسٽي جي شاگردن جون ٺهيل ايپس آهن، يونيورسٽين ئي انهن کي موقعا ڏنا ته هو پنهنجي ??يڪنالاجي کي ??مرشلائيز ڪن. هن چيو ته يونيورسٽيون، نئين ٽيڪنالاجيز ۽ ڪمرشلائيزيشن جي ڪاميابين دنيا کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تعليم واري وزارت ۽ سائنس واري وزارت کي پاڪستان جي ??ستقبل کي ترقي طرف هموار ڪرڻ آهي. هن چيو ته جڏهن اسان پاڪستان ۾ پنهنجو سفر شروع ڪيو ته اسان وٽ صرف هڪ يونيورسٽي هئي، اڄ ملڪ ۾ 217 يونيورسٽيون آهن، هن چيو ته اسان کي يونيورسٽين ۾ معياري تعليم تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، اسان جڏهن يونيورسٽي جو بنياد رکون ته اسان کي خبر هجڻ گهرجي ته اها يونيورسٽي ملڪ جي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته صوبن ۽ وفاق کي ??ڏجي تعليم ۾ بهتري لاءِ قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته فيصل آباد زرعي يونيورسٽي ۾ زبردست ڪم ٿي رهيو آهي، پر اسان جي زراعت فيصل آباد زرعي يونيورسٽي سان گڏ اهڙي طرح ڳنڍيل ناهي جهڙي طرح هجڻ گهرجي ??ا. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان کي يونيورسٽين جي ??يڪنزم کي بهتر بڻائڻو آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قائداعظم ۽ علامه اقبال ترقي يافته ۽ جديد پاڪستان جو خواب ڏٺو هو، علامه اقبال جديد مسلم سوچ تي ڪتاب لکي هن جديد رياست جا آئيڊياز پيش ڪيا، چوڌري فواد حسين چيو ته قائداعظم ۽ علامه اقبال جي ??ظرين تي ٻڌل جديد مسلم رياست جي جوڙجڪ اسان جو عزم آهي، وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف علامه اقبال ۽ قائداعظم جي ??ظرين کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان کي اسان جون حالتون فيصلا ڪرائينديون آهن، اف??انستان جي صورتحال تي نظر وڌي وڃي ته ان ڳالهه کي سدائين نظرانداز ڪيو ويندو رهيو آهي ته اف??انستان جي صورتحال اسان جي ڪري پيدا ناهي ٿي. هن چيو ته 1979ع ۾ يو ايس ايس آر اف??انستان تي قبضو ڪيو، آمريڪا 1988ع ۾ اف??انستان مان واپس ويو ۽ هاڻي وري آمريڪا جي اف??انستان کان واپسي ٿي، اهي سڀئي واقعا اسان کان پڇي ڪري ناهن ڪيا ويا پر ان جا نتيجا اسان کي ??وڳڻا پيا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان اف??انستان جي اندر هڪ اهڙي حڪومت جا خواهشمند آهيون جنهن ۾ اف??انستان جون سڀئي پارٽيون ۽ اف??ان عوام گڏ هجي. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان طالبانن کي آمريڪا سان ڳالهين تي راضي ڪيو، ڪابل جي حڪومت ۽ طالبان جون ڳالهيون ڪرايون، پر جيڪڏهن طالبان اتي صوبا فتح ڪري رهيا آهن ته ان ۾ سوال پاڪستان کان نه پر اف??انستان کان ٿيڻ گهرجي. آمريڪا ۽ نيٽو ملڪن 2 هزار ارب ڊالر لڳائي اف??انستان ۾ 3 لک فوج بيهاري، اها فوج ڇو وکري وئي، ان جو سبب اهو هو ته جيڪو پئسو اف??انستان کي ??نو ويو هو اهو اف??انستان ۾ نه لڳو. اڄ اف??انستان جي سياسي اڳواڻن ۽ جرنيلن جو ملڪيتون ٻاهرين ملڪ آهن، انهن جا ٻار ٻچا ٻاهرين ملڪ رهن ٿا، پر اف??انستان جي عوام غربت جي زندگي گذاري رهي آهي. هن چيو ته ايترو پئسو ڏنو ويو ته اهو پئسو صحيح خرچ ڇو نه ڪيو ويو؟ چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي ته اسان اف??انستان جي اندر هڪ اهڙي حڪومت جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ سڀئي پارٽنرز ۽ گروپس متفق هجن. اف??انستان ۾ ويڙهه ٿيندي آهي ته ان جا اثر اسان تي به پوندا آهن. هن وقت تقريبن 35 لک اف??ان پناهگير پاڪستان ۾ موجود آهن، اسان جي ??نهنجي ??عيشت ڪمزور آهي، ان جي باوجود اسان پنهنجي اف??ان ڀائرن کي ??لي دل سان سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون، اسان اف??ان پناهگيرن جي ??ارن کي تعليم جي سهولت فراهم ڪئي. هن وقت اف??انستان جي ??وري ڪرڪيٽ ٽيم اف??ان پناهگيرن تي مشتمل آهي، اڄ اف??انستان جون سڀئي عورت ٽيچرز ۽ استاد پاڪستان کان پڙهي ڪري ويا آهن، اڄ به 6 هزار اسڪالرشپ تي اف??ان ٻار هتي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، هن چيو ته دنيا کي به ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اسان ايترو وڏو بار پهرئين به کنيو آهي، هن چيو ته اسان کي پاڪستان کي جديد رخن تي هموار ڪرڻو آهي، پاڪستان جو مستقبل هڪ اهڙي مستقبل ۾ لڪيل آهي جنهن جو بنياد علم، منطق ۽ دليل تي هوندو.