اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان ڪو??ونا جي تيزي سان پکڙجڻ جي خدشي کي نظر ۾ رکندي سڄي ملڪ ۾ احتياطي تدبيرن تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته آئون پاڻ وزيراعظم آفيس مان روزاني جي بنياد تي ان معاملي جي نگراني ڪندس، جنهن علائقي يا شعبي ۾ به ايس او پيز جي ??لا?? ورزي ٿي ان کي فوري طور تي بند ڪيو ويندو، ڪو??ونا جي وبا جي ??لا?? ڪم ڪندڙ هيلٿ ور??رز جهاد ڪري رهيا آهن، حڪومت انهن جي لاءِ خاص پئڪيج ڏيندي، منهنجي ٽيم سمورين وفاقي ڌرين ۽ ماهرن سان مڪمل مشاورت کانپوءِ موثر حڪمت عملي جوڙي ۽ بنا ڪنهن جواز جي تنقيد ٿيڻ جي باوجود حڪومت ڪنهن دٻاءُ ۾ نه آئي، اڄ پوري دنيا کي احساس ٿي ويو آهي ته مڪمل لاڪ ڊائون مسئلي جو حل نه آهي. ملڪ ۾ ڪو??ونا جي صور??حا?? ۽ وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومتي قدمن بابت ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ان ڳالهه جو اندازو هو ته وقت سان گڏ ڪو??ونا جي متاثرين ۽ ان وبا سبب ٿيندڙ فوتگين ۾ اضافو ٿيندو پر ان حوالي سان مخالف ڌر جي بنا جواز تنقيد افسوس جوڳي آهي، مخالف ڌر ڪشمير جي مسئلي وانگر ڪو??ونا جي ايشو کي به پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿي.