اسلام آباد – 27 مئي (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (??ين سي او سي) ۾ عيد جي آخري موڪل واري ڏينهن به ڪورونا وائرس صورتحال جو جائزو وٺڻ ??اءِ اهم اجلاس ٿيو. ڪورونا وائرس (ڪوويڊ 19) جي خاتمي جي گائيڊ لائينز تي عملدرآمد جي حوا??ي سان فورم کي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. ??ين سي او سي موجب اجلاس جي صدارت منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر ڪئي.