اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته موجوده حالتن ۾ عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ اولين تر??يح آهي، حڪومت صوبن کي هر ممڪن وسيلا فراهم ڪري رهي آهي، وزيراعظم پاران خاطري ڪرايان ٿي ته موجوده حالتن ۾ سڀ متحد آهن، اسان کي هڪ قوم بڻجي دنيا کي پيغام ڏيڻو آهي ته اسان هر خطري کي منهن ڏ??ي سگهون ٿا، موثر ميڊيا حڪمت عملي بابت اجلاس جو مقصد ميڊيا کي وقت سر ۽ صحيح معلومات جي فراهمي ۽ سوشل ميڊيا تي هلندڙ جعلي خبرن جو تدارڪ آهي. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن ڪرونا وائرس جي حوالي سان موثر ميڊيا حڪمت عملي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.