اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ت?? 2020ع عوام کي نوڪريون ڏيڻ ۽ واڌويجهه جي شرح وڌا??ڻ جو سال آهي، ماضي ۾ عام ماڻهو جي لاءِ ڪجهه نه ڪي?? ويو، اسان جو سڄو ڌيان هيٺئين طبقي جي ڀلائي تي آهي، ڳوٺن جي عوام لاءِ پڻ روزگار جا موقعا، فنانسنگ ۽ وسيلا مهيا ڪنداسين، گهٽ آمدني وارن طبقن جي لاءِ هائوسنگ جي منصوبن تي تيزي سان ڪم ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گهٽ لاڳ?? گهرن جي فراهمي لاءِ بنا وياج جي قرضن جي فراهمي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.