اسلام آباد – 11 نومبر (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت جي ڪوششن جي نتيجي ۾ معاشي صورتحال مستحڪم ٿي آهي ۽ ڪاروباري برادري جو ??عتماد بحال ٿيو آهي، هن وقت حڪومت جو ڌيان عام ماڻهو کي هر ممڪن رليف فراهم ڪرڻ تي آهي، معا??ي استحڪام کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، تيل، گئس ۽ معدنيات جي شعبن ۾ صوبن جي صلاحيت وڌائڻ جي ڏس ۾ وفاقي حڪومت هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن حڪومت جي معاشي ٽيم سان اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو.