گلگت بلتستان – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان چيو آهي ته اسلام آباد ۾ سياسي بيروزگار گڏ ٿيا آهن، اهي جيترا ڏينهن چاهين احتجاج ڪن، کاڌو ختم ٿيڻ تي کين فراهم ڪيو ويندو، حڪومت ته ننڍڙي شيءَ آهي آئون هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيان پر انهن کي نه ڇڏيندس، جيستائين ڪرپشن ڪندڙ جيل ۾ نه ويندا ۽ عوام آڏو مثال نه ??ڻجندا تيستائين ڪرپشن جو خاتمو نه ٿي??دو، غربت جو سڀ کان وڏو ??بب ڪرپشن آهي، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي ڪارڪنن کي پتو ئي نه ??هي ته اهي ان احتجاج ۾ ڇو شريڪ آهن، آئون الله سان واعدو ڪري آيو آهيان ته انهن کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيندس. گلگت بلتستان ۾ آزا??ي جي ڏهاڙي جي موقعي تي وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي وزيراع??م عمران خان چيو ته جڏهن ملڪ ۾ ڪرپشن ٿي??دي آهي ته ادارا تباهه ٿي ويندا آهن ۽ ملڪ جي تباهي جي ذميدار ڪرپشن هوندي آهي.