رشڪئي – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته خصوصي اقتصادي زونز جو خاص طور ننڍن ??وب?? ۾ قيام خوش آئنده آ??ي، خصوصي اقتصادي زونز کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي، ا??هن کي سيڙپڪاري جي حوالي سان رول ماڊل ٺاهيو ويندو، ايندڙ دور پاڪستان لاءِ خوشحالي کڻي ايندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن رشڪئي ۾ خصوصي اقتصادي زونز جي دوري دوران اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير احسن اقبال، اسعد محمود کانسواءِ چيني ڪمپنين جا نمائندا به موجود هئا، وزيراعظم چيو ته اهو ان جو وزيراعظم طور ڪ??هن به خصوصي اقتصادي زون جو پهريون دورو آ??ي، هن بلوچستان ۽ خيبرپختونوا سميت آبادي جي لحاظ کان ننڍن ??وب?? ۾ خصوصي اقتصادي زونز جي قيام کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته ان زونز جي قيام سان صنعتي سيڙپڪاري، روزگار جي فراهمي، پيداوار جي ترقي ۽ اوڳاڙين ۾ اضافو ممڪن ٿيندو، وزيراعظم چيو ته ا??هن ??وب?? جي ڪري ايندڙ وقت اسان لاءِ خوشحالي کڻي ايندو. هن چيو ته بيجنگ جوائنٽ ڪميشن جي اجلاس ۾ 9 خصوصي اقتصادي زونز جي منظوري ڏني وئي، پر بعد ۾ حالتون بدلجي ويون، هن چيو ته چين ۾ ليبر مهانگو ۽ پاڪستان ۾ سستي آ??ي، هتي هنرمند ۽ نيم هنرمند افرادي قوت دستياب آ??ي، پاڪستان چيني ٽيڪنالاجي ۽ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪندو آ??ي، چيني ڪمپنين مختلف من??وب?? تي بهترين ڪم ڪيو آ??ي، اسان جو عزم آهي ته سي پيڪ تحت خصوصي اقتصادي زونز جي تعمير مقرر وقت تي ڪئي وڃي، هن چين جي دوستي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ چين ماضي ۾ هڪٻئي جو ساٿ نڀايو آ??ي، وزيراعظم چيو ته ان کي هتي اچي تمام گهڻي خوشي ٿي آ??ي، خصوصي اقتصادي زونز کي سيڙپڪاري جي حوالي سان رول ماڊل ٺاهيو ويندو ۽ جيڪڏهن ڪا رڪاوٽ ۽ مسئلا آهن ته ا??هن کي گڏجي ختم ڪيو ويندو. هن پاڪستان ۽ چين جي ڪمپنين جي وچ ۾ حصيداري تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جون ڪمپنيون هڪٻئي مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿيون.