اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان سان آسٽريليا جي فورٽسڪيو ميٽلز گروپ لميٽيڊ جي چيئرمين اينڊريو فورسٽ هتي ملاقات ڪئي. وزيرا??ظم جي واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين عاطف آر بخاري به ملاقات ۾ موجود هئا. وزيرا??ظم ميڊيا آفيس موجب وزيرا??ظم عمران خان اينڊريو فورسٽ جي آجيان ڪئي ۽ کيس ڪورونا وبا جي تناظر ۾ ملڪ جي اقتصادي بحالي ۽ موجوده حڪومت جي سيڙپڪار دوست پاليسين جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن سمارٽ لاڪ ڊائونز جي ذريعي ڪورونا جي وبا کي ??وڪڻ جي حڪومتي حڪمت عملي ۽ احساس پروگرام جي ذريعي ڪروڙ غريب ماڻهن کي ??مداد جي فراهمي جي باري ۾ به ٻڌايو. ان موقعي تي اينڊريوفورسٽ حڪومت پاڪستان طرفان ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ اختيار ڪيل پاليسي کي ??اراهيو.