اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اطلاعات ۽ نشريات واري خاص مددگار ليفٽيننٽ جنرل (ر) عا??م سليم باجوه جي استعيفا نامنظور ڪندي کيس ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ليفٽيننٽ جنرل (ر) عا??م سليم باجوه وزيراعظم عمران خان کي پنهنجي استعيفا پيش ڪئي جيڪا وزيراعظم قبول نه ڪئي، وزيراعظم عمران خان چيو ته ليفٽيننٽ جنرل (ر) عا??م سليم باجوه طرفان جيڪي ثبوت ۽ وضاحت پيش ڪئي وئي آهي، هُو ان مان مطمئن آهي تنهن ڪري وزيراعظم کيس خاص مددگار طور ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي.