اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن گهرو وزارت کي هدايت ڪئي ??هي ته هو عدم تشدد جو بل قومي اسيمبلي مان پاس ڪرائڻ جي لاءِ ڪوششن کي تيز ڪري. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عمران خ??ن چيو ته گهرو وزارت کي هدايت ڪئي ??هي ته عدم تشدد جي بل کي قومي اسيمبلي مان پاس ڪرائڻ جي لاءِ قدمن کي تيز ڪيو وڃي، هن چيو ته تشدد ڪنهن به مهذب جمهوري معاشري ۾ ناقابل قبول آه?? ۽ ??هو اسلام جي تعليم، اسان جي آئين ۽ عالمي م??اه??ن جي به خلاف ورزي آهي.