اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ڪڻڪ جي بي?? الصوبائي چرپر جي حوالي سان سموريون پابنديون فوري طور تي هٽائڻ ۽ ڪڻڪ جي درآمد جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪڻڪ جي اها درآمد نجي شعبي ذريعي ڪئي ويندي، ڪڻڪ جي درآمد تي لاڳو ڊيوٽي پڻ مڪمل طور تي ختم ڪئي ويندي، ڪڻڪ ۽ اٽي جي ٻاهرئين ملڪ اسمگلنگ جي روڪٿام کي يقيني بڻائڻ ۽ ذخيره اندوزي ۾ ملوث عنصرن جي خلاف وڏي پئماني تي ڪريڪ ڊائون جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي. اهي فيصلا وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ضرورتن کي پو??و ڪرڻ ۽ اٽي جي قيمتن تي ڪنٽرول کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيا ويا. اجلاس ۾ سڄي م??ڪ ۾ اٽي ۽ ڪڻڪ جي وڏي م??دار ۾ دستيابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪڻڪ جي بي?? الصوبائي چرپر جي حوالي سان سموريون پابنديون فوري طور تي هٽايون وينديون ۽ چيڪ پو??ٽون ختم ڪيون وينديون.