سيالڪوٽ – 14 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سيالڪوٽ جي مقامي ڪاليج ۾ منعقد تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطا?? ڪندي چيو ته ٻار جي پهرين درسگاهه ماءُ جي هنج آهي، ??ڪ ڇوڪري جي تعليم صرف هڪ شخص جي تعليم آهي جڏهن ته ??ڪ ڇوڪريءَ جي تعليم پوري معاشري جي تعليم آهي، هن چيو ته هاڻي اهو وقت گذري چڪو آهي جڏهن جنگ ميدان ۾ وڙهي ويندي هئي هاڻي جنگ معاشي محاذ تي وڙهي ويندي آهي ۽ اسان پاڪس??ان ۾ 52 سيڪڙو آبادي کي ڪنهن به صورت ۾ محاذ جنگ کان پ??ي نٿا رکي سگهون ۽ اسان 52 سيڪڙو آبادي تي مشتمل عورتن کي جديد علم ۽ فن سان هم آهنگ ڪري معاشي ميدان ۾ ترقي ۽ خوشحالي حاصل ڪري سڄي دنيا ۾ باوقار مقام حاصل ڪنداسين.