اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي مع??ون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته قانونسازي پارليامينٽ جي بنيادي ذميواري آهي، ان کي سياسي ايجنڊا سان مشروط ڪرڻ غيرپارلياماني، غيرآئيني ۽ غيرجمهوري آهي. پنهنجي ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي بيان تي رد ??مل جو اظهار ڪندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان مخالف ڌر جي اکين ۾ ان لاءِ کٽڪي ٿو جو هو پنهنجي ذ??ت جي نه پ??ڪستان جي مستقبل جي جنگ وڙهي رهيو آهي.