اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته احتساب کي يرغمال بڻائڻ جي لاءِ وزيراعظم جي ذات کي نشانو بڻايو پيو وڃي، مسلم ليگ (ن) جي ان رو??ي جي مذمت ڪريون ٿا، مسلم ليگ (ن) جو رو??و شرمناڪ ۽ افسوسناڪ آهي، تاثر ڏنو پيو وڃي ته حڪومت نواز شريف جي خاندان کان ڀُنگ طلب ڪري رهي آهي، شهباز شريف ڀنگ اغوا ڪندڙ وٺندا آهن سهولتڪار ناهن وٺندا. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اڄ جي هڪ ڊگهي پريس ڪانفرنس جو بيانيو ڪوڙ تي ٻڌل هو.