اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ سان ٽيڪسٽائيل ايڪسپورٽرز جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪامرس، ٽيڪسٽائيل ۽ انڊسٽري وارو صلاحڪار عبدالرزاق دا??ود، ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي، ٽيڪسٽائيل ٽاسڪ فورس جو سربراهه حسن بشير، فنانس سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ ۽ اسپيشل فنانس سيڪريٽري عمر حميد خان پڻ موجود هئا. ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ ٽيڪسٽائيل ايڪسپورٽ سيڪٽر جي جولاءِ ۽ آگسٽ جي سيلز ٽيڪس ريفنڊ جي ڪليمز فارم ايڇ بدران پراڻي اي ا?? ا??س نظام تحت ڀرڻ ۽ ادا ڪرڻ جو وفد جو مطالبو تسليم ڪ??ي ورتو.