اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان محمد نوا?? شريف جي صحت جي حوالي سان پل پل باخبر آهي، حڪومت ڪنهن بيمار جي بيماري تي سياست نٿي ڪرڻ چاهي، سياست ڪرڻ جي لاءِ ٻيا ڪيترائي موضوع آهن، هو جمعي ڏينهن واپار واري صلاحڪار رزاق دائو?? سان گڏ پي آءِ ڊي جي ميڊيا سينٽر ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهئي هئي، وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم عمران خان نوا?? شريف جي صحت بابت مسلسل اپ ڊيٽ وٺي رهيو آهي، وزيراعظم ئي ميان نوا?? شريف جي صحت بابت معلومات لاءِ ڊاڪٽر فيصل کي موڪليو آهي.