اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) ??ذر??ل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ ??ذر??ل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 95 فوتگيون ٿيون جنهن مان 43 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب ??ذر??ل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 3 هزار 221 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏ?? شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان بهاولپور ۾ 48 سيڪڙو، پشاور ۾ 44 سيڪڙو، مل??ان 45 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 48 سيڪڙو مريض آهن.
اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏ?? شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ايبٽ آباد ۾ 73، ڪراچي ۾ 58 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 57 سيڪڙو ۽ سوات ۾ 45 سيڪڙو مريض آهن. ??ذر??ل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 87 هزار 423 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 695، پنجاب ۾ 20 هزار 496، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 9، اسلام آباد ۾ 3 هزار 966، بلوچس??ان ۾ 456، گلگت بلتس??ان ۾ 676، آزاد ڪشمير ۾ 883 ٽيسٽ شامل آهن.
هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 93 هزار 304 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچس??ان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 492 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 87 هزار 423 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 11 لک 5 هزار 300 آهي.