اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته ڪورونا وبا ۽ ماحولياتي تبديلي جهڙن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي جي ضرورت آهي، ڪورونا وبا جي عالمي سطح تي روڪٿام لاءِ ويڪسينيشن جي عمل ۾ اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪئي وڃي، پاڪستان ماحولياتي تبديلي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، پاڪستان ماحولياتي تبديلي جي اثرن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ 10 ارب وڻ لڳائڻ جو منصوبو شروع ڪيو آهي، اسان کي ڪورونا وبا جي ٽئين لهر درپيش آهي، ان لهر کي به شڪست ڏينداسين، عالمي برادري کي اها ڳالهه يقيني بڻائڻ گهرجي ته ويڪسين هر جڳهه، هر ڪنهن جي لاءِ ۽ جلد ک??ن جلد ستياب هجي، ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي رستي ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ گهرجن، ترقي يافته ملڪ پيرس معاهدي تحت پنهنج?? واعدا پورا ڪن، اسرندڙ ملڪن مان چوري ٿيل اثاثا فوري ۽ غيرمشروط طور واپس ٿيڻ گهرجن، اسان کي گڏجي غيرمشروط طور هڪ نئين، پرامن، برابري ۽ پائيدار عالمي نظام جي لاءِ تعاون ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي ترقي جي لاءِ مالي مدد ??اب?? اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل فورم جي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.