اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي وزيراعظم ??مر??ن خان تي اعتماد جي ??رارداد جي ??نظوري ڏئي ڇڏي آ??ي، مجموعي طور تي پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ان جي اتحادي پارٽين جي 178 ميمبرن وزيراعظم ??مر??ن خان تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. آئين جي آرٽيڪل 91 جي شق 7 جي گهرج کي پورو ڪندي قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪيو ويو هو. وزيراعظم ??مر??ن خان 2018ع ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀاليو هو ته ان وقت قومي اسيمبلي جي 176 ميمبرن اعتماد جو ووٽ ڏنو هو. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس شروع ٿيڻ تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي قرارداد پيش ڪئي ته هي ايوان اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 91 جي شق (7) جي ??تفضيات موجب اسلامي جمهوريه پاڪستان جي ??زيراعظم ??مر??ن خان تي اعتماد جو اظهار ڪري ٿو. اسپيڪر ايوان ۾ ووٽن جو طريقيڪار ٻڌائيندي چيو ته ووٽنگ جو عمل شروع ٿيڻ کان اڳ 5 منٽن تائين گهنٽيون وڄايون وينديون. سمورا داخلي دروازا بند ڪيا ويندا. ووٽنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ تائين ڪو به دروازو نه کلندو ۽ ڪير به اندر نه اچي سگهندو نه ٻاهر وڃي سگهندو. ميمبرن جو نالو سڏ ڪرڻ تي هر ميمبر ان جي ساڄي پاسي لابي ۾ وڃي پنهنجو ووٽ رجسٽرڊ ڪرائيندو. ان ک??نپوءِ اسپيڪر اعتماد جي ??وٽ جي ??اءِ عمل شروع ڪيو ۽ ايوان ۾ 5 منٽن تائين گهنٽيون وڄائڻ جو حڪم ڏنو. 5 منٽن ک??نپوءِ اسپيڪر سمورا داخلي دروازا بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اسپيڪر پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاران پيش ڪيل قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي. سمورن ميمبرن قرارداد جي ڊيسڪ وڄائي ڀرپور انداز ۾ آجيان ڪئي. ان دوران مخالف ڌر پاران رڳو هڪ ميمبر محسن داوڙ ايوان ۾ موجود رهيو. اسپيڪر چيو ته جيڪي ميمبر اعتماد جو ووٽ ڏيڻ چاهين ٿا اهي انهن جي ساڄي پاسي واري لابي ۾ وڃي پنهنجو ووٽ رجسٽرڊ ڪرائين. ان ک??نپوءِ قومي اسيمبلي جي ??يمبرن هڪ ٻئي پٺيان لابي ۾ وڃي پنهنجو ووٽ رجسٽرڊ ڪرايو. وزيراعظم ??مر??ن خان به سمورن ميمبرن سان گڏ لابي ۾ وڃي پنهنجو ووٽ رجسٽرڊ ڪرايو. ووٽنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ تي ميمبر ايوان ۾ واپس آيا جنهن ک??نپوءِ اسپيڪر قرارداد جي حق ۾ وڌل ووٽن جي انگ جو اعلان ڪيو. هن ايوان کي ٻڌايو ته وزيراعظم جي حق ۾ اعتماد جي ??رارداد منظور ٿي وئي آ??ي. اسپيڪر چيو ته ان ک??ن اڳ آگسٽ 2018ع ۾ ??مر??ن خان 176 ووٽ کڻي وزيراعظم چونڊيو هو جڏهن ته هاڻي هن اڍائي سالن ک??نپوءِ 178 ووٽ حاصل ڪيا.