اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪراچي ۾ مظاهرين جي جنگ ۽ جيو گروپ جي مرڪزي آفيس تي حملي جي مذمت ڪريون ٿا، واقعي جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي. ڪراچي ۾ جنگ ۽ جيو گروپ جي مرڪزي آفيس تي حملي کانپوءِ نجي ٽي وي چينل تي ردعمل ڏيندي هن چيو ته پرامن احتجاج سڀني جو حق آهي پر تشدد ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه آهي ۽ ??ڪو??ت ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن کي تشدد جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهي، سنڌ ??ڪو??ت ڇو وقت سر پوليس مه??ا نه ڪئي. شبلي فراز چيو ته واقعي ۾ پوليس جو خاموش تماشائي بڻجڻ سمجهه کان مٿي آهي ته پوليس مظاهرين جي خلاف ايڪشن ڇو نه کنيو، واقعو ڪراچي ۾ ٿيو آهي ان لاءِ سنڌ ??ڪو??ت جي ذميواري آهي ته اها واقعي جي مڪمل جاچ ڪرائي ته ڪهڙا محرڪات هئا ۽ واقعي ۾ ڪهڙا ماڻهو ملو?? هئا.