اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪورونا ويڪسين حاصل ڪرڻ جي حوالي سان قائم ڪابينا ڪميٽي جو اج??اس ٿيو. اج??اس ۾ صنعت واري وفاق?? وزير محمد حماد اظهر، منصوبابندي واري وفاق?? وزير اسد عمر، وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ سماجي ڀلائي واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر شرڪت ڪئي. ڪميٽي جي ميمبرن وزيراعظم کي بريفنگ ڏني ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ٻه ويڪسينز جي ايمرجنسي استعمال جي منظوري ڏني وئي آهي. ان کانسواءِ وڌيڪ ويڪسينز جي منظوري جي لاءِ قدمن کي فاسٽ ٽريڪ ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته منظور ٿيل ٻن ويڪسينز کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ قدم جاري آهن ۽ هن سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ ويڪسينز جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو.