اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گوادر پورٽ فري زون ايريا کي افغانستان ۽ بلوچستان جي وچ ۾ واپار جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي، گوادر بندرگاهه جهڙن قومي منصوبن جي ڪامياب پڄاڻي جي لاءِ حڪمت عملي ۽ ويزن ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گوادر جي دوري دوران ڳالهائيندي ڪ??و. ان موقعي تي ??در ک?? گوادر ماسٽر پلان ۽ گوادر پورٽ جي ترقياتي ڪ??ن بابت بريفنگ ڏني وئي. گوادر پورٽ اٿارٽي جي چيئرمين نصير خان ڪاشاني ۽ گوادر ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل شاهزيب خ??ن ڪاڪڙ گوادر پورٽ ۽ گوادر سٽي بابت ترقياتي ڪ??ن تي بريفنگ ڏني. ??در چيو ته ڪراچي پورٽ سان گڏوگڏ افغانستان ۽ بلوچستان جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ جي لاءِ گوادر پورٽ فري زون کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، گوادر پورٽ تي ٽريفڪ جي تي??ي سان رواني کي يقيني بڻايو وڃي.