اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه مح??ود قريشي چيو آهي ته ڪشميري عوام سان عالمي برادري ۽ گڏيل قومن جيڪو واعدو ڪيو اهو اڃا تائين وفا ناهي ٿيو، والاريل ڪشمير جا ماڻهو ڪارن قانونن، مواصلاتي مشڪلاتن ۽ بنيادي حق ختم ٿي?? جي باوجود پنهنجو آواز بلند ڪري رهيا آهن، هندستان جي ظلم ۽ ڏاڍ جي باوجود ڪشميري عوام جا حوصلا ڪمزور ناهن ٿيا، اسان کي ڪشمير مسئلي تي سياسي مصلحتن کان مٿانهون ٿي هڪ زبان ٿي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، مخالف ڌر جي قيادت پنهنجي سياسي مقصدن جي لاءِ ڪشمير مسئلي تي پنهنجو سياسي دڪان چمڪائ?? جي ڪوشش ڪري ٿي، موجوده حڪومت ڪشمير مسئلي کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو ??هي?? جيستائين گڏيل قومن جي قراردادن موجب اهو مسئلو حل نٿو ٿئي، پاڪستان ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل رهندو. س??ني?? ۾ ڳالهائيندي شاهه مح??ود قريشي چيو ته اختلافن جي باوجود ڪشمير مسئلي تي اسان جي يڪسوئي ??هي?? اسان جو موقف هڪ ??هي?? اسان جي منزل هڪ ??هي?? ان جو عملي ثبوت اهي گڏيل قراردادون آهن جيڪي اسان جي پارليامينٽ منظور ڪيون آهن.