چڪوال – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان چيو آهي ته پارليامينٽ جا ميمبر چونڊ مهم تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪن ٿا، مخالف ڌر اڳواڻن جي خواهش تي اهي استعيفيٰ ڪيئن ڏئي سگهن ٿا، اسيمبلين ۾ مخالف ڌر ميمبرن جا فارورڊ بلاڪ ٺهي ويندا، مولانا فضل الرحمان ته 12 ??ون رانديگر آهي، ان جي چوڻ تي ڪير استعيفيٰ ڏيندو، توانائي جي معاملي تي ??لد قوم کي خطاب ڪندس، بجلي جي پيداواري لاڳت سان گردشي قرض وڌي ٿو، بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ آءِ پي پيز سان ڳالهيون جاري آ??ن، کاڄرو تيل جي پيداوار ۾ پاڻڀرائپ جي لاءِ زيتون جي پوکي کي وڌايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.